پاٽائي حيدر ڪلوچ

پاٽائي، حيدر ڪلوچ: حيدر ڪلوچ صاحب، ديوان شاعر ۽ درويش صفت شخص ٿي گذريو آهي. هيءُ اصل هرات جو هو ۽ سنڌ ۾ اچي رهيو. سندس وفات جو هنڌ ۽ مدفن پاٽ شهر آهي. حيدر ڪلوچ لاءِ عام طرح مشهور آهي ته ڪليچه يعني منڍين پچائڻ جو ڪم ڪندو هو، جنهنڪري ئي ڪلوچ سڏيو ويو. ان ڪم دوران سندس لاڙو شاعريءَ ڏانهن ٿيو. هو اڻپڙهيل هو، پر اندر جي جذبي هيٺ شعر چيائين، سندس شاعريءَ ۾ قصيدا ۽ غزل موجود آهن. حيدر ’ڪلوچ‘، ’ڪليچه‘، ’ڪليچ‘، ٽنهي لقبن سان مشهور هو، پر اصل ۾ اهو لفظ ڪلوچ ئي آهي. تذڪره آفتاب عالمتاب ۾ لکيل آهي ته ڪن مصنفن حيدر جي نالي سان ڪليچه لفظ ڳنڍجڻ سبب سندس ڌنڌو ڪليچه پزي (منڍيون پچائڻ) لکيو آهي، پر اها روايت غلط آهي. حقيقت ۾ سندس ڄمڻ جو هنڌ ڪلوج نالي هڪ ڳوٺ هو، جيڪو طارم جي ڀرسان خراسان ۾ واقع آهي. حيدر وڏو ٿيڻ بعد هرات ۾ رهيو. هيءُ شاهه اسماعيل ۽ شاهه طهماسب صفويءَ جي زماني جو شاعر آهي. پوريءَ طرح لکي پڙهي ڪونه ڄاڻندو هو، پر ڏاڍو نڪته سنج، موزون ڪلام چوندڙ ۽ عروض جي بحرن جو واقف هو. هرات ۾ هن سنڌ تي قابض حاڪم مرزا شاهه حسين جي فياضيءَ جي هاڪ ٻڌي ۽ شوق سان سندس درٻار ۾ اچي حاضر ٿيو، پر جيئن ته هو اڻ پڙهيل هو ۽ اميرن ۽ بادشاهن جي صحبتي آدابن کان غير واقف هو. ان ڪري مرزا شاهه حسن جي مجلس ۾ مقبول ٿي نه سگهيو. حيدر آخرڪار ڳوٺ پاٽ ۾ اچي رهيو ۽ اتي ئي وفات ڪيائين.
ڪتاب ’يدبيضا‘ ۽ ’آفتاب عالمتاب‘ ۾ حيدر ڪلوچ جي رهائش ۽ موت سيوهڻ کان ويهه ڪوهه پري هڪ ڳوٺ ۾ لکيو ويو آهي، پر ڳوٺ جو نالو ڄاڻايل نه آهي. تاريخ معصومي ۾ آهي ته هن سيوهڻ کان پريان پاٽ شهر ۾ وفات ڪئي. تحفة الڪرام ۽ مقالات الشعراءِ ۾ به حيدر ڪلوچ جي رهائش ۽ وفات پاٽ ۾ ڄاڻايل آهي. سندس وفات جي تاريخ معلوم نه ٿي سگھي آهي. هي ارغونن جي دؤر جو صاحب ديوان شاعر هو. سندس ڪلام سنڌ جي قديم بياضن ۾ موجود آهي. مرزا شاهه حسن ارغون جو همعصر هئڻ ڪري هن جو شمار ڏهين صديءَ هجري جي شاعرن ۾ ڪري سگهجي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو